هڪ هاري جي گهر ۾ هڪ ڪوئو رهندو هئو، هڪ ڏينهن
ڪوئي ڏٺو ته هاري ۽ ان جي زال هڪ ٿيلي مان ڪجھ ڪڍي رهيا هئا، ڪوئي سوچيو ته شايد ڪجھ کاڌي پيتي جو سامان آهي. خوب غور سان ڏسڻ کان بعد ڪوئي کي خبر پئي ته دراصل اها ڪوڙڪي هئي، خطرو محسوس ٿيڻ تي ڪوئي گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي اها ڳالھ ٻڌائي ته گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي،
ڪبوتر مذاق اڏائيندي چيو ته مون کي ڇا? مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ?
مايوس ڪوئو اها ڳالھ ڪڪڙ کي ٻڌائڻ ويو،
ڪڪڙ به مذاق اڏائيندي چيو.... ڀائو اهو مسئلو منهنجو ناهي.
مايوسي ڪوئي کي وڪوڙي ڇڏيو پر آخري ساٿي ٻڪر جو خيال آيس ته ٻڪر سان وڃي سڄي ماجرا بيان ڪيائين، ٻڪر کل ۾ ليٿڻيون پائڻ لڳو... 😄
انهيءَ رات ڪوڙڪي مان کڙڪي جو آواز آيو جنهن ۾ هڪ ذهريلو نانگ ڦاسي پيو هو.
اونداهي ۾ نانگ جي پڇ کي ڪوئو سمجهندي هاري جي زال ان کي ڪوڙڪي مان ڪڍيو ۽ نانگ عورت کي ڏنگي وڌو.
طبيعت خراب ٿيڻ تي هاري حڪيم کي گهرايو، حڪيم هاري کي ڪبوتر جو سوپ ٺاهي پيارڻ جو مشورو ڏنو،
ڪبوتر ديڳڙي ۾ اٻري رهيو هو
اها خبر ٻڌي هاري جا ڪافي رشتيدار اچي پهتا جن جي کاڌي جي انتظام لاءِ اڳئين ڏينهن ڪڪڙ کي ذبح ڪيو ويو،
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ هاري جي زال فوت ٿي وئي.... ڪانڌپي لاءِ ٻڪر کي قربان ڪرڻ کان علاوه ڪو به چارو نه هيو.۽ ڪوئو گهر جا اهي حالت ڏسي پري وڃي چڪو هئو..... تمام پري...
جيڪڏهن ڪو ماڻهون توهان کي پنهنجو ڪو مسئلو ٻڌائڻ لڳي ۽ توهان کي ايئن لڳي ته هي مسئلو منهنجو ناهي ته پهرين ٿورو سوچيو..... اسان سڀ خطري ۾ آهيون..... سماج جو هڪ عضوو، هڪ طبقو، هڪ شهري خطري ۾ آهي ته پورو ملڪ خطري ۾ آهي..... ذات، مذهب ۽ طبقي جي دائري کان ٻاهر نڪرو......پاڻ تائين محدود نه رهو... ٻين جو به احساس ڪيو پاڙي ۾ لڳل باهه توهان جي گهر تائين به پهچي سگهي ٿي.....🙏🙏
------------ماھي سجاد---------
Comments